غيرمسلم پاڪستانين جي سياسي المئي جو مقدمو (حصو ٽيون)

ان جهڙو هڪ ٻيو مثال جيڪو جموريت جي نالي تي چٿر آهي، 2002 جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جي هڪ هندو اميدوار پنهنجي حلقي مان صوبائي چونڊن ۾ جنرل سيٽ تي حصو ورتو ته کيس رڳو 34 ووٽ مليا ۽ هو پنهنجي حلقي ۾ وڏا ووٽ کڻندڙن ۾ ستين نمبر تي آيو پر پارٽي پاران خصوصي سيٽ تي نامزد ڪرڻ بعد هو پنهنجي ئي حلقي مان جنرل اليڪشن کٽي ويندڙ هندو ميمبر سان گڏ 5 سالن تائين صوبائي اسيمبلي ۾ ويٺو رهيو، يعني 32 هزار 424 ووٽ کڻندڙ اميدوار جهڙيون سهولتون ۽ مراعتون حاصل ڪندو رهيو ۽ هڪ ئي وقت کٽيندڙ ۽ شڪست کائيندڙ اميدوار هڪ ئي اسيمبلي ۾ موجود رهيا۔

 انهن اهڙن سنجيده چونڊ مسئلن ۽ سياسي توڙي رياستي اشرافيا پاران اهڙن مسئلن تي امتيازي روين سبب سماجي ۽ معاشرتي وڇوٽيون پيدا ٿين ٿيون جنهن سان خراب سانحا پيدا ٿيڻ جا امڪان هجن ٿا ۽ اهڙن سانحن جا ڀيانڪ نتيجا رياست پاڪستان، حڪومت ۽ قوم کي برداخت ڪرڻ پون ٿا، ان ڪري هڪ سٺو چونڊ نظام غير مسلمان پاڪستانين ۽ قوم کي اهڙن نقصانن کي بچائي سگهي ٿو ۽ هن وقت تائين ائين ڇو نه ٿي سگهيو، اهو سوال اسان جي سياسي ڏاهن ۽ حڪمرانن لئه وڏو چيلنج آهي.

ڪجهه ماڻهن کي شايد ٻٽي ووٽ جو اسان جو مطالبو ۽ فارمولو غير جمهوري لڳي پر جنهن قوم هڪ جهڙو سڃاڻپ ڪارڊ، هڪ جهڙو پاسپورٽ رکڻ باوجود ۽ پنهنجي پاڻ کي فخر سان پاڪستان چوڻ سان گڏوگڏ ضيائي ڊڪٽيٽري جمهوريت جي زور تي هندو، هندو کي ووٽ ڏي، مسلمان، مسلمان کي ووٽ ڏي، مسيحي، مسيحي کي ووٽ ڏي ۽ سک، پارسي ۽ ٻين ننڍن مذهبي گروهن جا ماڻهو ملي ڪري پاڻ جهڙي ئي ڪنهن مذهبي گروهه جي ماڻهو کي ووٽ ڏيڻ وارو خوبصورت جمهوري نظام ڏٺو هجي ۽ 1985 کان 1999 تائين مسلسل 18 سالن تائين پوري قوم ان جمهوري نظام جو ثمر به چکيو هجي ۽ عوامي نمائندن به پنهنجي پنهنجي حساب سان ان مان فائدو به ورتو هجي ۽ اهڙا ئي ماڻهو جيڪڏهن هن نظام ۽ فارمولي کي غير جمهوري چون ته پوءِ اهڙن ماڻهن جي سياسي شعور تي ڪوئي تبصرو نه ٿو ڪري سگهجي، ان کانپوءِ ٻئي ڊڪٽيٽر کي ترس آيو ته ان غير مسلم پاڪستان جي مطالبي تي انهن کي قومي سڃاڻپ ڏني.

پر جيئن ته انهن مان ڪجهه ماڻهن کان سواءِ ٻين جي کٽڻ جا امڪان نه ٿا هجن، ان ڪري انهن کي ڪوٽا مطابق مذهب جي بنياد تي ٻٽي نمائندگي به ڏني وئي پر ڪوٽا ۾ ڏنل ٻٽي نمائندگي وارو اهڙو ته نظام ڏنو جو 36 لک غير مسلمان پاڪستان پنهنجي ووٽن ۽ مذهبي سڃاڻپ جي بنياد تي رڳو 37 ماڻهن کي چونڊين ٿا ۽ انهن مان به 4 يا 5 مسلمان هجن ٿا.

يقينا اهو رياستي ادارن ۽ سياسي اشرافيا جو غير مسلمان پاڪستانين لئه وڏو سياسي ريليف هو، انهن قومي، صوبائي، ضلع، تعلقي ۽ يونين ڪونسل سطح تي حڪومت سازي جو موقعو به مليو پر غير مسلمان پاڪستانين کي ان ڳالهه تي اعتراض آهي ته جڏهن ريليف ڏنو ئي ويو آهي ته اسان کي اسان جي مذهبي سڃاڻپ جي بنياد تي نمائندن چونڊڻ جو اختيار به ڏنو وڃي (۽ اهو بلڪل جائز مطالبو آهي) ۽ يقينا گهڻا ئي ماڻهو مذهبي جي بنياد تي پنهنجي نمائندي کي چونڊڻ واري ڳالهه نيڪ نيتي جي بنياد تي به ڪندا هوندا پر ڪجهه نا سمجه ماڻهو ساڙ، حسد ۽ بغض وچان ائين به چوندا هوندا ته ڀلي اسان جي قومي سڃاڻپ کسيو، ڀلي اسان کان پاڪستان جي 849 حلقن مان غير مسلمان پاڪستانين جي ووٽ جو حق به کسيو پر اسان کي اسان جا نمائنا چونڊڻ جو اختيار ڏيو(هن مطالبي ۾ ڪجهه ماڻهن ماڻهن جي بدنيتي ۽ گهڻن ماهن جي لاعلمي ۽ ان لاعلمي ۾ رهندڙ گهڻا ماڻهو اهي آهن جيڪي پاڻ کي سياسي چون ٿا ۽ انهن لئه سياسي هئڻ جو مقصد 20 کان 25 هزار رپيا خرچ ڪري اميدوار جا ڪاغذ جمي ڪرائڻ ۽ پوءِ ووٽ وٺڻ لئه ڪجهه ايلان ڪرڻ ئي آهي، اهو يقينا انهن جو جمهوري حق آهي پر ان جمهوري حق جي بنياد تي 80 لک غير مسلمانن لئه انتهائي بي دليل، غير جمهوري، بنيادي شهري، انساني ۽ سياسي حقن جي ابتر نظام کان اختلاف ڪرڻ ڪنهن به طرح جائز ناهي، انهن چند سياستدانن مان هر ڪئوي اهو سمجهي ٿو ته 37 سيٽن مان هر سيٽ جو حقدار ٻين غير مسلمانن کان وڌيڪ اهو ئي آهي) دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي ٻئي نظام غير مسلمانن جي چوڻ تي ڊڪٽيٽرن متعارف ڪرايا ۽ جمهوري حڪومتن انهن کي برقرار رکيو.

انهن ٻنهي چونڊ نظامن جي خوبين ۽ خامين کي انگن اکرن جي روشني ۾ ڏسڻ ۽ معروضي حالتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اها پڪ ٿي وڃي ٿي ته هن وقت غير مسلمان پاڪستانين لئه ٻٽي ووٽ جي نظام کان علاوو ڪو به نظام بهتر ڪونهي، هن نظام جي لاهن چاڙهن کي انگن اکرن جي روشني ۽ معروضي حالتن جي بنياد تي 73 سالن جي سياسي المين کي نظر ۾ رکندي ان کي غير مسلمان پاڪستاني شهرين ۽ رياست جي مضبوط تعلق لاء استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هاڻي اچو ٿا ته عملي طور ٻٽي ووٽ وارو نظام لاڳو ڪيئن ٿيندو؟ ان لئه سڀ کان پهريان غير مسلمان پاڪستانين جي مذهبي، سياسي ۽ سماجي حقن لئه متحرڪ ڪارڪنن کي رياستي ادارن، سياسي ۽ سماجي ڏاهن کي پنهنجي مسئلا، حقيقتون ۽ زميني حالتون ٻڌائي انهن کي آئين ۾ ترميم لئه قائل ڪرڻو پوندو، ان لئه اعلي عدليا ۾ به وڃي سگهجي ٿو ۽ پوءِ هن نظام جي جوڙ جڪ ڪري سگهجي ٿي.

ٻٽي ووٽ نظام لئه حلقي جو ووٽ ته قومي، صوبائي، ضلعي، ٽائون، تعلقي ۽ يوسي سطح تي حلقي جي ٻين پاڪستانين سان گڏ ئي هوندو ۽ هر پاڪستاني پنهنجي حلقي ۾ ووٽ وجهندو پر مذهب جي بنياد تي ٻئي ووٽ نظام لئه رياستي ادارن ۽ سياسي قيادت کي ٿورڙي محنت ڪرڻي پوندي ۽ ظاهر آهي ان لئه متسند انگن اکرن جي ضرورت پوندي پر اسين هتي دستياب انگن اکرن وسيلي هن نظام جي بنيادي ڍانچي بابت ڳالهه ڪنداسين، مثال طور 2017 جي آدم شماري مطابق پاڪستان جي آبادي 207774520 آهي جڏهن 2018 جي اليڪشن ڪميشن اعلان مطابق پاڪستان جي رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 105960000 آهي، اهڙي طرح آبادي ۽ ووٽن جو تناسب 49/51 سيڪڙو آهي.

2017 جي آدم شماري مطابق پاڪستان جي هندو جاتي آبادي 3324392شيڊول ڪاسٽ 519436 ۽ مجموعي طور هندو آباد 3848828 آهي، جنهن مان سنڌ جي هندو جاتي آبادي 3117382شيڊو ڪاسٽ 477072 آهي، يعني سنڌ ۾ مجموعي طور هندن جي آبادي 3591454 آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۾ ووٽن جو تناسب ڏسجي ته اهو 49/51 سيڪڙو آهي ۽ ان حساب سان سنڌ ۾ هندن جي ووٽن جو انگ 1759012 هجڻ گهرجي، جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن پوري ملڪ ۾ هندن جي ووٽن جا انگ 1777289 ٻڌائي ٿو ۽ انهن کي ٽوٽل 272 سيٽن ۾ ورهايو وڃي ته اوسطا هڪ ايم اين اي 389558 ووٽن ذريعي چونڊجي ٿو ۽ ان حساب سان سنڌ ۾ هندن جون ساڍي چار سيٽون هجڻ گهرجن ۽ انهن سيٽن جا حلقا ڊويزن ۽ ضلعي جي حساب سان ٺاهي سگهجن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪنهن حلقي ۾ غير مسلمان پاڪستانين جو انگ گهٽ هجي ته اتي رعايت ڏئي سگهجي ٿي ۽ اهڙي طرح صوبي ۾ سيٽن جو انگ وڌ کان وڌ 5 يا 6 تائين ڪري سگهجي ٿو، سنڌ اسيمبلي ۾ ٽوٽل 130 سيٽون آهن ۽ سنڌ ۾ ٽوٽل ووٽن جو انگ 20239000 آهي، اهڙي طرح هڪ جنرل سيٽ 169530 ووٽ کڻي ڪري چونڊبي آهي، ان حساب سان سنڌ جي هندن لئه 29-11 حلقا ۽ تقريبا سوا 11 سيٽون ٿين ٿيون ۽ اتي به رعايت ڏئي ڪري سيٽن کي 12 يا 13 تائين ڪري سگهجي ٿو، اهڙي طرح سنڌ اسميبلي ۾ هندن جو 12 تائين سيٽون ٿي سگهن ٿيون.

پنجاب ۾ هندن جي مجموعي آبادي 176020 آهي، جنهن مان هندو جاتي 143016 ۽ شيڊول ڪاسٽ 33003 آهي ۽ اتي اهو هندن جي اثر تي ڇڏي سگهجي ٿو ته هو سياسي قيادت سان ڳالهيون ڪري قومي اسيمبلي ۾ 86250 ووٽن تي هڪ سيٽ حاصل ڪن ٿا ڳا هو ٻه حلقا ٺهرائي 42263 جي ووٽن تي ٻه سيٽون حاصل ڪن ٿا، پنجاب جي ٽوٽل ووٽرن جو انگ 60670000 آهي جڏهن ته اتي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو انگ 297 آهي، اهڙي طرح اوسطا 224579 ووٽن تي هڪ ايم پي اي چونڊجي ٿو ۽ ان ئي تناسب سان اتي هندو ووٽرن جي حلقا بندي ڪري سگهجي ٿي پر ان حساب سان اتي هندن جي ڪا به صوبائي سيٽ نه ٿي سگهندي پر ان لئه آئين ۾ 26 هين ترميم ڪرڻي پوندي ۽ جيڪڏهن غير مسلمان پاڪستانين جا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عقلمندي، دليلن ۽ پنهنجي برادري سان سچائي ڪن ته آئيني ترميم ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي ۽ ملڪ جي ڪنهن به وڏي سياسي پارٽي کي ان تي اعتراض به نه ٿيندو.

بلوچستان ۾ هندن جي آبادي 72832 آهي جنهن مان هندو پرجاتي 60487 ۽ شيڊول ڪاسٽ 5992 آهي، ان حساب سان هندن جي ووٽن جو انگ 35688 ٿيندو ۽ اتي به اتان جي هندو سياسي اڳواڻن تي ڀاڙڻو پوندو ۽ اهو ڏسڻو پوندو ته هو پنهنجا تعلق استعمال ڪري اتي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ڪيترا حلقا ٺهرائين ٿا، بلوچستان جي مجموعي ووٽن جو انگ 4300000 آهي اتي چونڊجندڙ ميمبرن جو انگ 51 آهي ۽ اتي هڪ صوبائي ميمبر 79020 ووٽن تي چونڊجي ٿو.

خيبرپختونخواهه ۽ فاٽا ۾ هندن جي مجموعي آبادي 12158 آهي جنهن مان 10658 جاتي ۽ 1500 شيڊول ڪاسٽ هندو آهن ۽ ان حساب سان انهن جا 5957 ووٽ ٿيندا ۽ اتي جي رجسٽرڊ مجموعي ووٽن جو انگ انگ 17083000 آهي ۽ اتان جي صوبائي ميمبرن جو انگ 99 آهي ۽ اتي هر ميمبر اوسطا 172555 ووٽن سان چونڊجي ٿو، اتي به اهو هندو اڳواڻن تي ڇڏجي ٿو ته هو پنهنجا تعلق ۽ ذهانت استعمال ڪري پنهنجي 5957 ووٽن تي ڪيتريون سيٽون وٺي سگهن ٿا.

اسلام آباد ۾ هندن جي آباد 401 آهي ۽ اتي قومي اسمبلي جا ٽي تڪ آهن ، پاڪستان ۾ 272 جنرل سيٽن تي اوسطا 389558 ووٽر هڪ ميمبر چونڊين ٿا، 2017جي آدم شماري مطابق اسلام آباد جي آبادي 2001579 هئي ۽ ووٽن جو انگ انگ 765446 هو ۽ اهڙي طرح اتي اوسطا 255148 ووٽن تي هڪ نمائندو ڪامياب ٿيو، اسلام آباد ۾ ووٽن جو تناسب 38/62 آهي يعني اتي رجسٽرڊ ووٽ آبادي جو 38 سيڪڙو آهن ۽ ان حساب سان اسلام آباد ۾ هندو ووٽ 155 هئڻ گهرجن، اتي اهو به ڪري سگهجي ٿو ته سمورن اقليتي ووٽن کي گڏ ڪجي ڇو جو غير مسلمان نمائندا تقريبا هڪ ٻئي جي مذهبي ۽ سماجي ضرورتن کي سمجهن ٿا پر هنن انگن اکرن سان هڪ ڳالهه سامهون ضرور آهي ته قومي سڃاڻپ لئه حلقي جو ووٽ تمام ضروري آهي.

هندن جو قومي اسيمبلي ۾ سنڌ مان6پنجاب ۽ ڪي پي مان هڪ هڪ، سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ۾12پنجاب ۽ ڪي پي  بلوچستان ۾ هڪ هڪ حلقو ٺاهي، مجموعي طور تي24 تڪن ۾ ورهايو وڃي ته 849تڪن ۾ پکڙيل هندن جي آبادي کي رعايت ڏيڻ باوجود انهن جا تڪ تمام وڏا ٿي سگهن ٿا ۽ ووٽر پنهنجي ضرورتن جي حل وقت پنجاب جي اٽڪ ۾ رهڻ وارا ووٽر پنجاب جي رحيم يار خان مان چونڊجندڙ ايم پي اي يا ايم اين اي تائين ڪيئن پهچندا. هي هڪ مبهم خاڪو آهي ۽ هن کي عملي طور بهتر بڻائڻ لئه حقيقي انگن اکرن جي ضرورت سميت ان تي بحث جي ضرورت آهي، هن نظام کي بڻائڻ لئه هر پاسي کان درست جائزو وٺڻو پوندو ته جئين ڪنهن جو به حق نه مارجي ۽ ضرورت مند کي گهربل ضرورتون به ملن،ڇوته اهو ئي نظام ڪامياب هجي ٿو جنهن ۾هرحصيدار کي پنهنجو جائز حصو ملي.

پاڪستان ۾ مسيحين جي ڪل آبادي جو جائزو وٺجي ته خبر پوندي ته 2017 ۾ مسيحين جي مجموعي آبادي 3303615 آهي، ان حوالي سان سڀ کان اڳ ۾ اسلام آباد جو جائزو وٺون ٿا، پاڪستان ۾ 272 جنرل سيٽن تي اوسطا 389558 ووٽر هڪ ميمبر چونڊين ٿا، 2017 جي آدم شماري مطابق اسلام آباد جي آبادي 2001579 هئي ۽ ووٽن جو انگ انگ 765446 هو ۽ اهڙي طرح اتي اوسطا 255148 ووٽن تي هڪ نمائندو ڪامياب ٿيو، اسلام آباد ۾ مسيحين جي آبادي 81667 آهي ۽ اتي انهن جو ۾ ووٽن جو تناسب 38/62 آهي، اسلام آباد جي ٽنهي حلقڻ ۾ مسيحين جا ووٽ 31033 ٿيندا ۽ اهو اتان جي مسيحي سياسي اڳواڻن تي ڇڏيل آهي ته هو پنهنجي لاڳاپن جو استعمال ڪري اتي پاڻ لئه هڪ سيٽ منظور ڪرائين ٿا يا نه ۽ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي ڇو جو انهن کان ننڍيون اقليتون به ايوان ۾ موجود آهن، هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته پاڪستان ۾ وفاقي علائقن ۾ مسيحين جي سڀ کان وڌيڪ آبادي اسلام آباد ۾ ئي اهي.

پنجاب ۾ مسيحين جي آبادي 2541287آهي، اتي ووٽ ۽ آبادي جو تناسب 49/51 آهي، ان حساب سان اتي انهن جا 1245231 ووٽ ٿيندا ۽ اهو ئي فامولو يعني 289558 ووٽن تي هڪ قومي اسيمبلي جي نمائندي چونڊجڻ وارو فارمولو لڳايو وڃي ته اتي تقربا سوا ٽي سيٽون بڻجن ٿيون پر اتان جا مسيحي اڳواڻ سياسي قيادت سان ڳالهيون ڪري 4 يا 5 سيٽون به ڪرائي سگهن ٿا، خيال رهي ته هڪ ايم اين اي تقريبا 289558 ووٽن تي چونڊجي ٿو ته پنجاب ۾ ووٽن جو انگ 60670000 آهي ۽ اتي صوبائي اسمبلي جي ميمبرن جو انگ 297 آهي، پنجاب اسيمبلي جو هڪ رڪن 224579 ووٽن تي چونڊجي ٿو ۽ ان حساب سان اتي مسيحين جي سيٽن جو انگ ساڍا پنج ٿي سگهي ٿو جنهن کي وڌائي ڪري 7 يا 8 به ڪري سگهجي ٿو. ( جاري )

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔